اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) بالاڪوٽ حملي کانپوءِ ڀارت جي ٻن جهازن کي ڪيرائڻ ۽ پائليٽ کي گرفتار ڪرڻ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان ”فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم“ جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪري ڇڏي آ??ي، پاڪستان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪ فوج پيشيواراڻي صلاحيت ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي سان واڳيل وسي??ن کي استعمال ڪندي ملڪ کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي، پاڪستان جي دستاويزي فلم ذريعي حقيقتون دنيا آڏو رکي ڀارتي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه کي پڻ شڪست ڏئي ڇڏي آ??ي، 27 فيبروري تي پاڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائي اسان جو ??خر آ??ي، پوري قوم اڄ اربع ڏينهن ??خر سان فتح جو ڏينهن مل??ائيندي، پاڪ فضائيه 27 فيبروري تي سرپرائز ڏئي ڀارت کي شڪست ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تيار ڪيل فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪرڻ جي موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ت?? امن جي خواهش پاڪستان جي قومي بيانيي جو بنيادي حصو آ??ي، ڀارتي قيدي پائلٽ جي آزادي ب?? امن جي خواهش جو اظهار هو.