اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سمورن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ??رڻ جو خواهشمند آهي ۽ مصالحت جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امداد لاءِ ٻي?? جي جنگ ۾ ٽپي ملڪ تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي اسان دنيا سان سڌي ڳالهه ڪندا آهيون ۽ اهڙو واعدو نٿا ڪريون جيڪو پورو نه ڪري سگهون، ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي، ادا??ا هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهن، ادارن ۾ مثالي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي، ملڪ ۾ عدم استحڪام جي خواهش رکندڙن کي مايوسي ٿي، پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ڪا به طاقت ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن واري آفريقي ملڪن لاءِ پاڪستان جي سفيرن جي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ويه?? کي خطاب ڪري رهيو هو.