بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ ع??ام?? جمهوريه چين جي ناڻي واري وزير لان فوآن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي ناڻي واري وزير پاڪ چين مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو مظهر قرار ڏنو. هن خاص طور تي پاڪستا?? ۽ ??ين جي وچ ۾ وڌندڙ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ڏس ۾ مالي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني ناڻي واري وزير پاڪستان جي معيشت جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي اقتصادي ايجنڊا کي ساراهيو ۽ مالي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ چين جي پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستا?? ۽ ??ين جي وچ ۾ مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ نائب وزيراعظم جي تعاون کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ گورننس، روينيو ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو. هن چ??ن مان سيڙپڪاري کي پاڪستان جي ترجيح طور تي پڻ اجاگر ڪيو. هن چ??و ته ان مقصد جي لاءِ جن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي انهن ۾ زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽا??ي ۽ معدنيات ۽ قابل ت??دي?? توانائي جا شعبا شامل آهن.