اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن ?? وزيراعظم عمران خان امن امان قائم ڪرڻ ۽ گڏيل مسئلن جي حل لاءِ ڀارت کي چيو هو ته جيڪڏهن ڀارت هڪ قدم اڳتي وڌائيندو ته اسان ٻه قدم اڳتي وڌائينداسين جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چونڊن ۾ ڪاميابي جي لاءِ جنگ جو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جن??لا??_گیم/117932.html">? نه ٿو چاهي پر جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي جارحيت ڪئي وئي ته ان جو موثر جواب ڏنو ويندو. روسي ميڊيا کي انٽرويو ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ڪئمپ جي تباهي جي حوالي سان ڪيل هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته هر ڪنهن جو پنهنجو موقف هوندو آهي ۽ اسان جو به پنهنجو موقف آهي.