اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ??يليفو?? تي رابطو ڪيو ۽ جهاز جي افسوسناڪ حادثي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ شام آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ??يليفو?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ 25 ڊسمبر 2024ع تي اذال ايئرلائين جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيا?? تي آذربائيجان جي عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستاني قوم آذربائيجان جي ڀائر عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ سوڳوار خ??ند??نن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ الله تعاليٰ کان دعاڳو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آذربائيجان جي ڀائر عوام صبر ۽ استقام?? سان ان سانحي کي منهن ڏيندي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ش??ند??ر ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم صدر عليوف کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ??ن مشڪل وقت ۾ آذربائيجان کي گهربل هر تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. صدر عليوف افسوسناڪ واقعي جي ڏس ۾ حمايت ۽ يڪجهتي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته وزيراعظم جو ان ??وقعي تي آذربائيجان سان گڏ بيهڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پائيدار رشتي جو عڪاس آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني جو دورو پڻ ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جهاز حادثي جي حوالي سان تعزيتي ڪتاب تي پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.