رياض- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب منشيات جي خاتمي لاءِ ٻه طرفي معاونت تحت وڌيڪ مؤثر قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. ??عو??ي عرب پاڪستان کي منشيات جو سراغ لڳائڻ لاءِ جديد اوزارن جي حوالي سان تعاون جي آڇ ڪري ڇڏي. ??عو??ي عرب جي دؤري دوران وفاقي وزير ??عو??ي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس ميجر جنرل محمد القرني گهرو وزير جو استقبال ڪيو. گهرو معاملن واري وفاقي جي ??عو??ي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ منشيات جي خاتمي جي حوالي سان گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جي ڪنٽرول روم جو مشاهدو ڪيو. محسن نقوي هيڊ ڪوارٽر جا مختلف شعبا ڏٺا ۽ ??عو??ي عملدارن منشيات جي خاتمي جي سلسلي ۾ ??يس بريفنگ ڏني. گهرو وزير ??عو??ي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس جي ڊي جي کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. گهرو وزير جو چوڻ هو ته منشيات جي لعنت کي ڪوبه ملڪ ??ڪي??و مُنهن نٿو ڏئي سگهي. هي عالمي گڏيل چئلينج بڻجي چڪو آهي. پاڪستان ??عو??ي عرب سان اينٽي نارڪوٽڪس جي حوالي سان تعاون جاري رکندو. نئين نسل کي نشي کان محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي جامع قدمن جي ضرورت آهي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته ??عو??ي اينٽي نارڪوٽڪس پاڪستان جي اداري اي اين ايف سان رابطي ۾ آهي. اين ايف سان مستقل بنيادن تي معلوماتي مٽاسٽا هوندي آهي. ??عو??ي عرب جي انفارميشن تي ويجهڙ ۾ پاڪستان مان 2 منشيات جا ملزم پڪڙيا ويا.