اسلام آباد – 13 – ڊس??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 9 ڊس??بر 2024ع کان هيستائين بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ڪالهه جمعي ڏ??نه?? وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجگور ضلعي، موسيٰ خيل، لڪي مروت ۽ ٻين علائقن ۾ مختلف آپريشنز دوران 43 خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظ?? چيو ته حڪومت هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:26