راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي اڳوڻي سربراهه ايڊمرل يسطور الحق ملڪ کي لاهور ۾ فوجي اعزاز سا?? مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ هٿياربند فوج جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن پاران ايڊمرل يسطور الحق ملڪ جي قبر تي گل رکيا وي??. آ??ِ ايس پي آر مو??ب ايڊمرل يسطور الحق ملڪ 1954ع ۾ نيوي ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ – ڀارت جنگين ۾ حصو ورتو. مرحوم 1988ع کان 1991ع ت??ئي?? پاڪ بحريه جو سربراهه رهيو. مرحوم نيول چيف بطور ڪمانڊر پاڪستان فليٽ، وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف ۽ چيئرمين پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جا به فرض سرانجام ڏنا.