اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آ??ِ بنا ثبوت لاشن تي سياست ڪرڻ ??اهي ٿي، سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ڪو هٿيار استعمال نه ٿيو، جيڪڏهن لاش ڪريا آهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ٻيا ثبوت پيش ڪن، پي ٽي آءِ پنهنجي احتجاج دوران سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، جديد هٿيارن سان ليس شرپسندن اسلام آباد تي حملو ڪيو. پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جي شرپسندن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻايو، ملڪيتن کي نقصان پهچايو، رينجرز ۽ پوليس جا جوان شهيد ٿيا، ان کانپوءِ مظلوميت جو پرچار ڪرڻ ۽ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي لاءِ لاشن جو سهارو وٺڻ انتهائي ڪڌو فعل آهي. وفاقي وزير چي?? ته علي امين گنڊاپور پاڻ سان گڏ خيبرپختونخواهه حڪومت جي جديد هٿيارن سان ليس سادي ڪپڙن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار گڏ آندا، انهن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ۽ شيل فائر ڪندڙ گنز هيون، انهن پٿراءُ ڪيو، گليلن ۽ بلورن سان پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، انهن پاران لاشن جي ڳالهه ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. انهن بنا ثبوت ۽ دليل جي سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊه شروع ڪئي ۽ ڪوڙ ڳالهاي?? ته لاش ڪريا آهن، ماڻهو مئا آهن. ٿوري دير اڳ پولي ڪلينڪ انتظاميا پڻ بيان جاري ڪيو آهي ته هتي ڪو لاش ناهي آيو، واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا تي تحريڪ انصاف وارا صبح کان پرچار ڪري رهيا هئا ته لاش ڪِريا آهن، هي واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا لاشن جي ڳولا ۾ رهي ٿي، ڪو به لاش ڪِري ته چون ٿا ته اسان جا ماڻهو شهيد ڪيا ويا. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? ته هن گذريل رات ڊي چوڪ کان سيونٿ ايونيو تائين پوري ايريا جو چڪر لڳايو ۽ سڄي رات اتي موجود رهيو، نه گولين جا خول هئا نه ڪنهن قسم جي فائرنگ ٿي، نه انهن جي ماڻهن کي ڊائريڪٽ ٽارگيٽ ڪيو ويو، پو??ِ به انهن راهه فرار اختيار ڪئي ۽ موقعي تان ڀڄي ويا، ان فرار جي جواز جي طور تي اها عُذر پيش ڪيو پيو وڃي ته اسان جي ماڻهن کي ماريو ويو. هن چي?? ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻي مان 37 افغان شهري گرفتار ٿيا، انهن سان گڏوگڏ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به هئا جن جو دهشتگردي، چوري، ڦر سان تعلق آهي ۽ مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن. هن چي?? ته لاشن جي ڳالهه ڪندڙ ثبوت پيش ڪن، ڪٿي آهي پوسٽ مارٽم رپورٽ، ڪوڙو بيانيو ٺاهڻ ۾ اهي تمام گهڻو تيز آهن. هن چي?? ته پي ٽي آءِ احتجاج ۾ 150 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهيد ٿيا، انهن جي ماڻهن کي هٿيار هلائيندي ڏٺو ويو آهي، اهي شيل فائر ڪري رهيا هئا، انهن ماڻهن بابت هي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هن چي?? ته پي ٽي آءِ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت بيلاروس جي صدر جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ ??اهيندي هئي، هي چاهيندا هئا ته شهر جي امن کي خراب ڪيو وڃي، معيشت ۽ پاڪستان کي نقصان پهچايو وڃي. هن چي?? ته جيترو به تشدد ٿيو پي ٽي آءِ پاران ٿيو، انهن فورسز جي جوانن کي شهيد ڪيو، تشدد جي واقعن ۾ انهن جا ماڻهو ملوث ڏٺا ويا، جيڪي ماڻهو گرفتار آهن انهن کان جاچ ٿي رهي آهي، 37 افغان شهرين کان اسان 43 گنز برآمد ڪيون آهن، گرنيڊ، گنز، ڳوڙها آڻيندڙ گئس هلائيندڙ گنز، جديد هٿيار انهن وٽ هئا، اهي ان نيت سان آيا هئا ته امن خراب ڪرڻو ۽ حملو ڪرڻو آهي، ان کانپوءِ لاشن تي سياست ڪري چوڻ ته اسان جي ماڻهن تي گوليون هلايون ويون. عطاءُ الله تارڙ چي?? ته هي ان لاءِ ڀڄي ويا آهن ته انهن جو منصوبو ۽ سياسي بيانيو ناڪام ٿي چڪو هو، انهن وٽ ڪو جواب ن?? هو، انهن وٽ ماڻهو نه هئا. هن چي?? ته 2014ع جي ڌرڻي کانپوءِ هي ڪو ڌرڻو يا احتجاج ڪنهن مدد کانسواءِ نه ڪري سگهيا. عطاءُ الله تارڙ چي?? ته بشريٰ بي بي رت وهائڻ جي نيت سان آئي هئي. هن چي?? ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اڄ کانپوءِ پڳ نه پائڻ گهرجي، هو پنهنجي گرفتاري جي خوف کان ٻيو ڀيرو ڊي چوڪ تان پنهنجي ورڪرن کي بنا سامان جي ڇڏي فرار ٿيو، سياسي تحريڪون اهڙي طرح ناهن هلنديون، سياسي تحريڪن ۾ بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪرڻو پوي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چي?? ته قومي نظريي سان اسان کي ملڪ ۽ قوم جي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، هي ماڻهو ناڪام ٿي چڪا آهن، انهن جو نظريو ناڪام ٿي چڪو آهي، انهن جي سياست ناڪام ٿي چڪي آهي، هي ماڻهو جُتين ۽ ڪپڙن تائين اتي ڇڏي ڀڄي ويا آهن. وفاقي وزير چي?? ته لاش ڪيرائڻ جو الزام انهن کي ثابت ڪرڻو پوندو، اسان انهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڏيکاري، انهن بيانيو ٺاهي?? ته رينجرز جا اهلڪار پنهنجي ئي گاڏي جي ٽڪر سان شهيد ٿيا، اسان ايبٽ آباد مان همراهه پڪڙيو، سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهي. وفاقي وزير چي?? ته احتجاج دوران انهن جي سياسي قيادت ڪٿي هئي، عاطف خان، شهرام ترڪئي، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا، حماد اظهر، شيخ وقاص ڪٿي هئا، انهن وٽ ماڻهو نه هئا، هي گرفتاري جي ڊپ کان ڀڄي ويا آهن ۽ الزام هڻي رهيا آهن ته لاش ڪِريا آهن. هن چي?? ته ڪوڙ، مڪاري، منافقت ۽ تشدد جي سياست عوام رد ڪري ڇڏي آهي، اڳتي توهان قومي مفاد جي خلاف اسلام آباد حملو ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندا.