اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن ۽ هيڊ آف ايجوڪيشن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليم ۽ مهارتن جي تر??يء?? کي هٿي وٺرائڻ تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه هتي جاري بيان موجب ان موقعي تي گورنر چيو ته تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ، نوجوانن ۽ عورتن کي تربيتي پروگرامن ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن ۽ انگلينڊ جي تعليمي ادارن وچ ۾ حصيداري کي هٿي ڏيڻ سندن ترجيحن ۾ شامل ??هي. انهن حصيدارن جو مقصد شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا ذريعي عالمي مهارتن کي ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن تائين آڻڻ ??هي. ڳالهين دوران گورنر پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي ڪي پي ڪي چيپٽر جي حوالي سان پنهنجي ويزن تي ب?? ڳالهه ڪئي، ان جي خدمتن ۾ نواڻ ۽ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن جي شاگردن خاص ڪري نوجوان عورتن ۾ آرٽس ۽ ڊزائن جي بي پناهه صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ان منصوبي لاءِ برٽش ڪائونسل سان ڀائيواريءَ جي باضابطه تجويز موڪلي وئي ??هي. جيمز هيمپسن آءِ ايم سائنسز يونيورسٽي پشاور ۾ هڪ جديد هنرمند مرڪز جي برٽش ڪائونسل جي منصوبا بندي جي باري م ٻُڌايو ۽ گورنر کي جنوري 2025ع ۾ ان مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ شر??ت جي دعوت ڏني. برٽش ڪائونسل جي ٽيم گورنر کي ”گول“ پروگرام بابت به آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ضلعن ۾ 2 لک 50 هزار غير تعليم يافته ڇوڪرين جي داخلا ??هي. ملاقات دوران فني ۽ پيشيوراڻي تعليم ۽ تربيت ۽ سڄي ملڪ ۾ جاري اعليٰ تعليمي منصوبن تي ب?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.