بڊاپسٽ- 13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ??ان سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن آرگنائيزيشن جي وزيرن ۽ سربراهن ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گ????ل دلچسپي جي معاملن، غير قانوني مائيگريشن ۽ انساني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي ??ان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهي ملاقاتون هنگري جي دوري دوران بڊاپسٽ پراسس جي ستين وزارتي ڪانفرنس جي موقع?? تي ٿيون. ملاقات ڪندڙن ۾ سوئٽزرلينڊ جو مائيگريشن وارو وزير ڪرسٽين شرنربورنر ۽ يورپي يونين جي مائيگريشن ۽ گهرو معاملن جو سربراهه جوهانس لچنر، انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو سربراهه مائيڪل اسپينڊ ليگر شامل هئا. گهرو وزير محسن نقوي غير قانوني مائيگريشن جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت ت?? زور ڀريندي چيو ته انساني اسمگلنگ گهڻ رخي چئلينج بڻجي چڪو آهي. انٽرنيشنل مافياز جي ڳٺ جوڙ ??ان ڪو به ملڪ اڪيلو نٿو منهن ڏئي سگهي. عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالميگريت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته غير قانوني مائيگريشن ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ يورپي يونين ۽ مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جي تعاون جي آجيان ڪندا. اڄ ا??ان پائيدار قدم کڻي نئين نسلن لاءِ بهتر مستقبل ڇڏي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ گ??يل وفدن جي مٽاسٽا ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سهڪار وڌائڻو پوندو. لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن جي خصوصي تربيت لاءِ سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو تعاون ضروري آهي. ٽنهي وفدن گهرو وفاقي وزير محسن نقوي کي گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقع?? تي هنگري ۾ پاڪستان جو سفير آصف حسين ميمڻ ۽ لاڳاپيل سفارتڪار به موجود هئا.