اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نائب و??يراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم هائوس ۾ ابوظهبي پورٽس گڏيل عرب امارات جي وفد جي ايندڙ دوري جي سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطح جي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب و??يراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب و??يراعظم دوري جي اهميت جو ذڪر ڪيو جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم، ايوي ايشن، ريلوي، بي او آءِ ۽ ايف بي آر جي وزارتن بابت تجويز ڪيل ايم او يوز پڻ پيش ڪيا ويا. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين تجويز ڪيل مفاهمت جي يادداشتن تي پريزنٽيشن ڏني. نائب و??يراعظم اجلاس ۾ موجود وزارتن جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي هن دوري جي ڪاميابي ۽ تجويز ڪيل مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي تياري جي لاءِ موثر طريقي سان ڪم ڪن.