اسلام آباد – 07 – نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي اطمينان ??و اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوعلو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم نئين مقرر ٿيندڙ ترڪ سفير نذير اوعلو جي آجيان ڪندي چيو ته هو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي، پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تي ترڪيه جي پاڪستان ??ي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ??ه بنيادي مفادن جي حوالي سان ??رڪيه جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال ??اص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صد?? رجب طيب اردوان ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ترڪ صد?? کي جلد پاڪستان ??و سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان ??و اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترڪيه جي سفير نذير اوعلو شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط ۽ تاريخي رشتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.