اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي و??ير احسن اقبال گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا، ڪوپ-29 ڪانفرنس ۾ شرڪت جي تيارين ۽ اقتصادي حڪمت عمليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز مطابق احسن اقبال چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ترقياتي هدفن سان ڳنڍيل آهي ۽ هلندڙ مهيني باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ-29 ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو، جتي ماحو??يا??ي ترجيحن کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته عالمي سطح تي گهٽ ترين ڪاربن جي نيڪال باوجود پاڪستان موسمياتي ۽ ماحو??يا??ي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستاني وفد ڪانفرنس ۾ علائقائي سهڪار کي مستحڪم ڪرڻ تي توجهه ڏيندو ۽ پاڪستان پويلين ۾ گول ميز بحث منعقد ڪندو جنهن ۾ عالمي اڳواڻ حصو وٺندا. گڏيل قومن جي پائ??دا?? ترقيءَ جي هدفن تي پاڪستان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي وفاقي و??ير ٻُڌايو ته پاڪستان اهو پهريون ملڪ آهي جنهن انهن هدفن کي پارليامينٽ ذريعي پنهنجي قومي ترقياتي ايجنڊا جو باقائده حصو بڻايو. اسان جا سمورا ترقياتي منصوبا انهن هدفن سان هم آهنگ آهن. منصوبا بندي و??ارت ۾ قائم ايس ڊي جي يونٽ کي هاڻي سيڪشن جو درجو حاصل آهي جيڪو انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ ۽ انهن منصوبن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندو آهي. هن ٻُڌايو ته گڏيل قومن طرفان پائ??دا?? ترقي جي انهن 17 هدفن جي حوالي سان منصوبا بندي و??ارت ۾ جلد ئ?? 17 ٽاسڪ فورسز قائم ڪيون وينديون جيڪي قومي ۽ صوبائي سطح تي منصوبن جي نگراني ڪنديون ته جيئن انهن کي لاڳو ڪرڻ يقيني بنائي سگهجي. هن پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي صورتحال تي به تبصرو ڪيو ۽ ٻُڌايو ته 530 مان صرف 70 ڪمپنيون اهڙيون آهن جن جو روانگي و??پار 10 هزار ڊالرن کان وڌيڪ آهي. احسن اقبال ڪمپنين جي روانگي وڌائڻ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي صلاحيت جي اثرائتي استعمال جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان جي هر اداري کي روانگي و??پار جو 10 هزار ڊالرن کان وڌيڪ جو هدف مقرر ڪرڻ گهرجي. هن خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ٿيندڙ تازي سيڙپڪاري جي لهر تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايس آءِ ايف سي وڏي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪاروباري موقعن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جاري سيڙپڪاري ۽ معاشي سڌارا پاڪستان کي پائ??دا?? ترقيءَ طرف وٺي ويندا.