اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ آپگهاتي حملي ۾ پوليس اهلڪا??ن ۽ معصوم شهرين جي مارجڻ تي گ??ري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته پوليس اهلڪارن تي حملو انتهائي بزدلاڻو قدم آهي. گذريل ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پڌرائي موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري پوليس چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. صدر مملڪت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ممڪن قدمن کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. صدر مملڪت شهيد اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ??ار??ن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.