اسلام آباد-26 سي??ٽمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اعلان ڪيو آهي ته صارفين کان آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جولاءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيا ويندا. ڪالهه نيپرا طرفان جاري اعلان موجب ڊسڪوز جي ??گسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي ??والي سان نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي ??دارت هيٺ عوامي ٻُڌڻي مڪمل ڪئي وئي. اعلان موجب سي??ٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي) ايف سي اي جي مد ۾ 57 پئسا في يونٽ جي گهٽتائيءَ جي ??رخواست جمع ڪرائي هئي. ان جو ڊسڪوز جي ??مور?? صارفين کانسواءِ لائن لائيف، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳ?? هوندو، ان جو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. سي پي پي اي جي ??ن کان اڳ صارفين کان جولاءِ جي ??يف سي اي جي مد ۾ 37 پئسا في يونٽ گهٽتائيءَ سان چارج ڪيو وي?? هو، آگسٽ جو ايف سي اي جولاءِ جي ڀيٽ ۾ صارفين کان وڌيڪ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو.