اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) کي نيشنل نيوز پيپر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل ??بر?? کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل نيوز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اخبارون سياسي شعور وڌائڻ ۽ شه??ين کي انهن جي حقن ۽ ذميوا??ين کان آگاهه ڪرڻ کانسواءِ ??بر??ن فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اخبارون معاشري ۾ اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اخبارن جي ذريعي ماڻهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ برداشت، رواداري، بين المذاهب هم آهنگي، حب الوطني، شهري ذميواري ۽ انساني حقن جي احترام کي پڻ فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته اڄ جي تيز رفتار ڊيجيٽل دور ۾ جتي غلط معلومات ۽ جعلي ??بر??ن تيزي سان وائرل ٿي سگهن ٿيون، اتي اخبارن جو ڪردار اڃان به اهم ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اخبارن کي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي جعلي ??بر?? جي حوصلا شڪني جي لاءِ صحيح ۽ چڱي طرح سان تحقيق ٿيل ??بر??ن فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل ??بر?? کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته هڪ ذميوار پريس ??بر?? جي رپورٽنگ ۾ درستگي، انصاف پسندي ۽ توازن جي اعليٰ ت??ين معيار کي برقرار رکي ٿي، هڪ ذميوار پريس نه رڳو پيڙهيل آوازن کي ٻڌڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي پر اهم مسئلن تي ڌ??ين جي وچ ۾ صحتمند بحث پڻ پيدا ڪري ٿي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته پريس کي اهم مسئلن تي ماڻهن جي رهنمائي ۽ آگاهي جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جيڪا جمهوري نظام جي ڪاميابي سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ جي لاءِ راهه هموار ڪري سگهي.