اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قومن جي گهڻ رخي ڪردار جي حمايت ۽ پاڪستان جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ڪشمير تڪرار سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اه??يت تي به زور ڀريندو. وزيراعظم عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي اه??يت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري تي زور ڀريندو ته هو موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ له?? جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فيصلائتا قدم کڻي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو، جن ۾ ”سمنڊ جي س??ح ۾ اضافي س??ن درپيش خطرن تي اعليٰ سطحي گڏجاڻيون“ ۽ ”امن لاءِ قيادت“ تي گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي کلي بحث ش??مل آهي. وزيراعظم جٽادار ترقي جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ عالمي س??ح تي گهربل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ عالمي اڳواڻن جي هڪ گروپ سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم جي پروگرام ۾ گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون به شامل آهن. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي اجلاس پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي اه??يت جي اه?? مسئلن تي پنهنجي نقطئه نظر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اه?? پليٽ فارم پيش ڪري ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي ترجيحن کي اجاگر ڪندو ته جيئن عوام کي ملڪي ۽ عالمي ترقي جي ايجنڊا جي مرڪزي هنڌ تي رکيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 26-2025ع لاءِ گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي آئينده جي ميمبر طور، گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ، تڪرارن جي روڪٿام، امن ۽ عالمي خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قومن جي س??ورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار به ڪندو.