اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن سان ڌماڪن وسيلي ٿيندڙ حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪن ۾ دهشتگردي جي لاءِ سائبر ۽ اليڪٽرانڪ ذريعن جو استعمال مذمت جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چي?? ته پاڪستان هلند?? هفتي لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن جي ڌماڪن ذريعي ڪيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. ترجمان چي?? ته ٻاهرئين ملڪن ۾ دهشتگردي جي لاءِ سائبر ۽ اليڪٽرانڪ ذريعن جو استعمال مذمت جوڳو آهي. هن چي?? ته دهشتگرد حملا خطي ۾ اسرائيل جي خطرناڪ مهم جوئي جو مظهر آهن جنهن سان امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي. ترجمان چي?? ته پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿ?? ته هو اسرائيل کي ان جي عالمي دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي جي لاءِ جوابده بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چي?? ته پاڪستان هن سال 19 جولاءِ تي پيش ڪيل آءِ سي جي جي مشاورتي راءِ تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ۽ آءِ سي جي جي مشاورتي راءِ کي عملي ??امعو پارائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??ي قرارداد جي آجيان ڪئي. هن غزه ۾ هڪ اسڪول ۽ پناهگيرن جي پناهگاهه تي اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت ڪندي چي?? ته پناهگير ڪئمپن سميت هدفن تي اهڙي طرح جا حملا آءِ سي جي جي عارضي قدمن جي روح جي پڻ خلاف ورزي ڪن ٿا جن ۾ غزه جي ماڻهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري خدمتن ۽ انساني امداد جي فراهمي پڻ زور ڏنو ويو هو.