ڪوئيٽا-04 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون آيا آهن. ڪانگو سبب متاث?? مريضن جو انگ 26 ٿي ويو آهي. فاطمه ??ناح ??نس??يٽيوٽ آف چيسٽ ڊيزيز جي انتظاميه مطابق ڪوئيٽا جي علائقي خروٽ آباد جي رهواسي 55 ورهين جو عبدالمجيد ۽ لورالائي جو رهواسي 60 ورهين جي خان محمد کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جن جي ٽيسٽ جا نمونا ليبارٽري مو??لي?? ويا، جنهن جا نتيجا پازيٽو آيا آهن. بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس سبب متاث?? مريضن جو انگ 26 ٿي ويو آهي جڏهن ته 5 ڄڻا ڪانگو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.