اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انفارميشن ٽي??نا??اجي جي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، اسان جو ويزن آهي ته هر شخص وٽ سمارٽ فون، هر گهر ۾ براڊ بينڊ انٽرنيٽ ۽ هر ڪاروبار ۾ ڪيو آر ڪوڊ ج?? سهولت هجي. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار جي ايس ايم ايسوسيئيشن ا??شيا پيسفڪ جي سربراهه جولئين گورمين جي قيادت ۾ جي ايس ايم جي چار رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ انفارميشن ٽي??نا??اجي جي واڌويجهه جي حوالي سان اسلام آباد ۾ ڊيجيٽل نيشنل سمٽ منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان قدمن ۾ جي ايس ايم اي جو انتهائي بنيادي ۽ اهم ڪردار آهي، انفارميشن ٽي??نا??اجي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين بهتر پهچ، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي بهتري، اي – گورننس، نوجوانن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز جي پيشيواراڻي تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن جي ترقي جي حوالي سان وفاقي حڪومت هن مالي سال ۾ تاريخي ترقياتي بجيٽ رکي آهي، ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جو ويزن آهي ته هر شخص وٽ سمارٽ فون، هر گهر ۾ براڊ بينڊ انٽرنيٽ ۽ هر ڪاروبار ۾ ڪيو آر ڪوڊ ج?? سهولت هجي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٽيلي ڪام سروسز جي فروغ جي حوالي سان جي ايس ايم اي جي ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان حڪومت سان ا??فارميشن ٽي??نا??اجي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ ??ڌائڻ تي دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽي??نا??اجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشنز اٿارٽي جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.