آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آستانه جو هڪ انتهائي لاڀائتو دورو پڄاڻي تي پهتو. اي?? سي او جي اصولن، ويزن ۽ هدفن جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. سوشل ميڊيا ??يڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي شنگهائي تعاون تنظيم جي اڳواڻن سان پاڪستان جي موقف جي مٽاسٽا ڪئي ۽ گڏوگڏ پنهنجي دوستن ۽ پاڙيسرين سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسان آڪٽوبر 2024ع ۾ اي?? سي او جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اي?? سي او فيملي جي ميزباني جا منتظر آهيون.