بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جي بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان چين جي س??ئنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي مان ڀرپور فائدو کڻي سگهي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بيجنگ جي ڀرپاسي چين جي سيليڪون ويلي جي زونگ گوانڪون سائنس پارڪ جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ وفد جا ٻيا ميمبر پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم کي س??ئنس پارڪ ۾ چين جي ٽيڪ اسٽارٽ اپ ڪلچر ۽ جديد ماحول ۽ جديد تحقيق بابت بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ وزيراعظم کي ٽيڪ اسٽارٽ اپس، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي مرڪزن ۽ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ امڪاني تعاون ۽ ??صي??اري تي پڻ بريفنگ ڏنيوئي. وزيراعظم چين جي س??ئنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي کي س??راهيو ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جي بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو تهچين جي س??ئنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي مان پاڪستان ڀرپور فائدو کڻي سگهي ٿو.