رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ??مي?? شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح م??اقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊڻ تي ??مي?? جي مبارڪن واري خط تي سندس شڪريو ادا ڪيو. شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي ??مي?? جو عهدو سن??ال?? تي مبارڪون ڏ??ند?? وزيراعظم ساڻس ملي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻه طرفي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي شراڪتداري ۾ تبديل ڪري سگهجي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهترين مفادن ۾ هوندو. پاڪستان ۽ ڪويت نومبر 2023ع ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون هيون. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کان علاوه علائقائي صورتحال خاص ڪري غزه جي بحران جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم ڪويت جي ??مي?? کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.