اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاربن ڪريڊٽس پاليسي رهنما اصولن جي حوالي سان ??تمي پاليسي سازي تي صوبن سان ??شا??رت جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ??وسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان ??تاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان ڪائونسل جو ٽيون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيرن اسحاق ڊار، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان ??غاري، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته 2022ع جي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ سان ??لڪ بري طرح متاثر ٿيو، خادم پاڪستان جي ناطي ٻوڏ جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ??اڪستان جو ڪيس وڙهيو، احسن اقبال ۽ شيري رحمان سان گڏوگڏ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ وز??رتن گڏجي پاڪستان کي ان ??شڪل وقت مان ڪڍڻ ۽ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا. هن چيو ته دوست ملڪن، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تبديلي کان ??تاثر پاڪستانين جي پڪار تي لبيڪ چيو جنهن جي لاءِ مون سميت پوري قوم سندس ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ وفاق کي گڏجي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ??اليسي سازي ڪرڻي آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان جي چئلينجز ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته سڄي مل?? ۾ ??اربن ڪريڊٽس جي حوالي سان ??دمن ۾ بهتري آئي آهي جن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر ڪرڻ جي ضر??رت آهي. وزيراعظم ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان ??اليسي رهنما اصولن جي حوالي سان حتمي پاليسي سازي تي صوبن سان ??شا??رت جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي بابت سمورن معاملن تي صوبن جي مشا??رت کانسواءِ ڪنهن به قسم جي پاليسي سازي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اجلاس ۾ پاليسي گائيڊ لائينز فار ٽريڊنگ ان ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صوبن سان ??شا??رت کانپوءِ ڪائونسل جي ايندڙ ا??لاس ۾ مسودو پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏين وزيرن پاليسي سازي جي حوالي سان ??نهنجي پنهنجي صوبي جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وز??رت کي ان اهم پاليسي مسودي جي لاءِ صوبن ۽ سمورين ڌرين کي مڪمل طور تي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي.