اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال ناصر خان ک?? ڊپٽي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آه??. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الحمدالله! اڄ سينيٽ ۾ به جمهوري عمل مڪمل ٿي ويو آه??. هن چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ پاڪستاني عوام جي اعتماد جو عڪاس آه??. هن چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال ناصر خان تجربيڪار سياستدان آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاق جي اڪائين جي مضبوط ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو اهم ڪردار آه??. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال ناصر خان آئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندا رهندا.