اسلا?? آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي انتهاپسندي جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ام?? جي ڳولا گڏيل ذميواري آهي، حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ تحقيقي ادار?? جي تعاون سان پاڪستان ۾ وسيع تر ام?? جي عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيس فلڪس انٽرنيشنل ڪانفرنس اينڊ ايوارڊز جي افتتاحي سيشن ”پاڪستان ۾ پاليسي سازي ۽ امن عمل“ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ام?? جي جستجو اسا?? جي گڏيل ذميواري بڻجي چڪي آهي، اسان مختلف ادار?? جي گڏيل ڪوششن سان گڏ بيٺل آهيو?? جيڪي ملڪ ۾ ام?? جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان حڪومت، عالمي ادارا ۽ مقامي تنظيمون هر هڪ امن، رواداري ۽ هم آهنگي جي لاءِ پنهنجو منفرد حصو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته جيئن ته اسا?? جي قوم معيشت، سياست ۽ ماحولياتي خدش?? جي مُشڪل دائرن مان گذري رهي آهي، ته اهڙي ۾ سماجي امن جو تحفظ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي. قومي ۽ عالمي ٿنڪ ٽينڪس کانسواءِ ام?? جي تنظيمن انتهاپسندي جي مقابلي، تڪرار?? جي حل ۽ ٽڪراءُ جي روڪٿام بابت گهري سو?? جي لاءِ انتهائي قيمتي تحقيق ڪئي آهي ۽ بحث مُباحثي کي آسان بڻايو آهي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز ۽ صحافي تبديلي جي طاقتور نمائندن جو ڪردار ادا ڪن ٿا، انتهاپسنداڻي نظرين کي چئلينج ڪن ٿا ۽ شموليت جي حمايت ڪن ٿا. اعتدال جي آوازن کي وڌائين ٿا ۽ مختلف ثقافت?? جي وچ ۾ بحث مُباحثي جي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ انهن جو اهم بنيادي ڪردار آهي. هن چيو ته امن حاصل ڪرڻ ۾ سياسي پارٽين تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئ?? ٿي. مفاهمت ۽ گڏيل احترام جي لاءِ سياسي اڳواڻ?? جي حمايت امن کي فروغ ڏيڻ ۾ سياست جي گهري اثرن کي نمايان ڪري ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) هڪ بنيادي اداري طور ڪم ڪري رهي آهي جيڪا دهشتگردي جي خاتمي جي ملڪ گير ڪوششن کي ٺوس بڻائي ٿي. انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ ۽ سلامتي جي تحفظ جي لاءِ ان جو عزم پاڪستاني شهرين کي عسڪريت پسند گروپ?? جي خطرن کان بچائڻ جي لاءِ هڪ پختي وابستگي جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان معاشري ۾ پائيدار امن ۽ تڪرار?? جي روڪٿام جي لاءِ آمريڪي سفارتخاني اسلا?? آباد جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اهڙي طرح اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ خال گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايسٽ ويسٽ سينٽر پاڪستاني معاشري ۾ امن ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ٿو. انهن تنظيمن پاڪستا?? جي حساسع لائقن خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن ۾ تبديلي کي متحرڪ ڪيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته ??سٽ??ن ايبل ڊيولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آئي) هڪ پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ آهي جيڪا ملڪ ۾ جمهوريت، گڊ گورننس ۽ امن کي مضبوط بڻائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هڪ ٻي ناليواري پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ جناح انسٽيٽيوٽ امن ۽ سلامتي بابت اهم پاليسي ريسرچ، اسٽريٽجڪ تجزيي ۽ راءِ شماري ڪري ٿو. سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز (سي پي ڊي آءِ) ام?? جي تعمير جي ڪوششن ۾ شفافيت، احتساب ۽ شهري?? جي شرڪت کي فروغ ڏي ٿو جيڪو هڪ هم آهنگ معاشري جي لاءِ گڏيل عزم کي مضبوط بڻائي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مختلف تنظيمن بشمول سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن (سي ايس اوز) ۽ تحقيقي ادارن جو اهم ڪردار آهي جن ملڪ ۾ امن، رواداري ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي مقصد سان پاليسين ۽ پروگرامز کي فعال طريقي سان لاڳو ڪيو. هن چيو ته گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ انساني حقن واري وزارت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جهڙن قدم?? جي قيادت ڪئي، اهي پاليسيون تڪرار?? جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم آهن، سول سوسائٽي جون تنظيمون امن ۽ سماجي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس (يو ايس آءِ پي) جهڙا تحقيقي ادارا پاليسي سان لاڳاپيل تجزياتي ڪم جي انعقاد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آه?? جيڪي پاڪستان ۾ امن ۽ تڪرار?? جي سبب?? جي بهتر حل ۾ مددگار آهن. يو ايس آءِ پي جي ڪوششن ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ، سفارتڪاري جي حمايت ڪرڻ، دهشتگردي جي خاتمي جي چئلينجن جو جامع انداز ۾ جائزو وٺڻ شامل آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيس فلڪس انٽرنيشنل ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب ۾ سڄي پاڪستان مان مختلف نسلي ۽ ثقافتي پس منظر جي امن ساز?? جي تعاون جو اعتراف ڪرڻ اعزاز جو سبب آهي. عالمي نمائندن خاص طور تي ايسٽ ويسٽ سينٽر جي موجودگي ۾ اسان ترقي ۽ استحڪام طرف پاڪستا?? جي متوازن ۽ ترقي پسنداڻي موقف جو اظهار ڪريون ٿا. تقريب قومي ۽ عالمي امن ساز?? جي لاءِ هڪ واضح پيغام آهي جيڪا انهن تي زور ڏي ٿي ته اهي پرامن معاشري کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل مقصد ۾ پنهنجو حصو وجهن. مرتضيٰ سولنگي چيو ته حڪومت جي ڪردار تي پنهنجو ڌيان ڏيندي گهرو، پرڏيهي ۽ انساني حقن واريون وزارتون اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيو?? جيڪي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏين ٿيون. نيشنل ايڪشن پلان حڪومت پاران تيار ڪيل هڪ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ، فوجداري نظام انصاف کي مضبوط بڻائڻ ۽ مدرسن کي منظم ڪرڻ جي قدمن تي عملدرآمد ڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏي ٿو. هن چيو ته حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ تحقيقي ادار?? جي تعاون سان اهي پاليسي قدم پاڪستان ۾ وسيع تر ام?? جي عمل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪن ٿا، اهي تڪرار?? جي سببن بابت اسا?? جي سمجهه وڌائين ٿا، تڪرار?? جي روڪٿام ۽ حل ۾ مقامي صلاحيتن کي مضبوط بڻائين ٿا، پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ انقلابي منصوب?? جي حمايت ڪن ٿا ۽ متنوع گروه?? جي وچ ۾ بحث مُباحثي کي فروغ ڏين ٿا. انهن گڏيل ڪوشش?? جي ذريعي پاڪستان هڪ وڌيڪ پرامن، روادار ۽ هم آهنگ معاشري طرف گامزن آهي.