اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهي??ن نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي ٽيليفون ڪئ?? ۽ ??يران جي قيادت ۽ عوام پار??ن نگران حڪومت کي پاڪستان جي 2024ع جي پارلياماني چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي ڀائر عوام پار??ن نيڪ خواهشن کي ساراه??و. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي حڪومتن سان گڏوگڏ عوا?? جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. ??لندڙ مهيني جي شروع ۾ ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري مصروفيتون مڪمل طور تي بحال آهن.