اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي ر??ءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي، پرتشدد روين جو رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سرڪاري ملازمن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پاڪستان رياست کان انهن جي وفاداري مٽائڻ جي ل??ءِ انهن تي دٻاءُ وجهڻ جي ل??ءِ سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ سميت مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان رياست پنهنجا آئيني فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي ۽ انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزا ڏياريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري هڪ بيان ۾ نگرا?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي واضح طور تي ر??ءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي. نگرا?? وزيراعظم چيو ته پرتشدد روين جو ثابت ٿيل رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا کي بليڪ ميلنگ جي ل??ءِ هٿيار طور اختيار ڪرڻ سميت هاڻي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن ۽ سرڪاري ملازمن جون وفاداريون پاڪستان رياست تان هٽائي پرتشدد گينگ طرف ڪرڻ جي ل??ءِ دٻاءُ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن. نگرا?? وزيراعظم چيو ته اهي حربا آرٽيڪل 5 سميت آئين جي ٻين آرٽيڪلز ۽ ملڪي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. نگرا?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان رياست پنهنجون آئيني ذميواريون سرانجام ڏيڻ جي ل??ءِ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي، انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزائون ڏيارڻ کي يقيني بڻائيندي. نگرا?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ رياست جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم سرڪاري ملازمن جي دفاع ل??ءِ اسان جي عزم ۾ ڪو ش?? نه هجڻ گهرجي.