اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، ال??ڪش?? ڪميشن کي اڄ ئي چونڊ شيڊيول ج??ري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ درخواستگذار عمير نيازي ک?? نوٽيس ج??ري ڪري ڇڏيو. ال??ڪش?? ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ک?? ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي، ال??ڪش?? ڪميشن درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ق??ضي فائز عيسيٰ ۽ سينيئر ججز سان چيف ال??ڪش?? ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي ملاقات کانپپوءِ ال??ڪش?? ڪميشن پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي.ڪالهه جمعي ڏينهن چيف جسٽس ق??ضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس سيد منصور علي شاهه بئنچ ۾ شامل هئا. عدالتي ڪارروائي سڌوسنئون نشر ڪئي وئي. اپيل تي ٻڌڻي دوران ال??ڪش?? ڪميشن جي وڪيل چيو ته آر اوز ڊي آر اوز بيوروڪريسي مان وٺڻ جو ال??ڪش?? ڪميشن جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ معطل ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان چونڊ عمل رڪجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت هاڻي بئنچز جوڙيون وڃن ٿيون، منهنجي خواهش هئي ته موسٽ سينيئر ججز بئنچ ۾ شامل هجن. چيف جسٽس چيو ته جسٽس اعجازالاحسن مصروفيتن جي ڪري نه اچي سگهيو پوءِ اسان جسٽس سيد منصور علي شاهه کي تڪليف ڏني. ال??ڪش?? ڪميشن جي وڪيل چيو ته ال??ڪش?? ڪميشن جي رٽرننگ آفيسرن جي لاءِ پهرين ترجيح پنهنجا آفيسر آهن، ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي فهرست حڪومت ڏيندي آهي، پي ٽي آءِ چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 ٿري تحت شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کي نه مڃڻ مس ڪنڊڪٽ آهي، درخواست آئي لڳي به وئي، منع نامو ج??ري ڪرڻ وارو جج ئي لارجر بئنچ جو سربراهه بڻجي ويو، سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو آر اوز ۽ ڊي آر اوز بابت فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. عدالت درخواست ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته ال??ڪش?? ڪميشن اڄ ئي چونڊ شيڊيول ج??ري ڪري. سپريم ڪورٽ عمير نيازي ک?? ال??ڪش?? ڪميشن جي درخواست تي نوٽيس ج??ري ڪري ڇڏيو. عدالت ال??ڪش?? ڪميشن جي اپيل باضابطا ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به نوٽيس ج??ري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.