اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل عرب امارات ۾ آهي، نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ کي خطاب ۾ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو ويزن ??يش ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته دبئي ۾ نگران وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ سربراهي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي شرڪت ۽ سائيڊ لائينز تي ٻطرفيون ملاقاتون شامل آهن. هو ڇنڇر ڏينهن سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندو جتي هو موسمياتي تبديلي لاءِ پاڪستان جو ويزن ??يش ڪرڻ سان گڏوگڏ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ ڪيل واعدن جي وڪالت ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم موسمياتي ريزيليئنس جي لاءِ برابري ۽ عالمي تعاون تي به زور ڏيندو. ترجمان چيو ته ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان جو مقصد لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي بحال ڪرڻ جي لاءِ گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ سان هڪ بامعنيٰ نتيجاخيز ۽ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر گڏ ڪرڻ جي ڊگهي مدي واري هدف کي م??مل ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن سان تعاون ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي موسمياتي سربراهي اجلاس جي لاءِ دبئي وڃڻ کان اڳ نگران وزيراعظم 26 – 28 نومبر تي گڏيل عرب امارات ۽ 28 – 29 نومبر تي ڪويت جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال ۽ انساني همدرديءَ جي صورتحال تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ ڪوپ – 28 جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي صدارت لاءِ پاڪستان جي م??مل حمايت جو ورجاءُ به ڪيو. ڌرين توانائي، پورٽ آپريشن پراجيڪٽس، ڪچري جي صفائي، پاڻي جي صفائي، خوراڪ جي حفاظت، لاجسٽڪس معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.