اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم مختلف وزارتن، ڊويزنن ۽ آفيسن جن جا قلمدان نگران وزيراعظم وٽ انچارج وزير وارا آهن، جي حوالي سان سينيٽ ۾ پارلياماني ڪارروائي جي لاءِ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ??فيس پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي پرزائيڊنگ سيڪريٽريٽ، وزيراعظم ??ف??س، ڪابينا سيڪريٽريٽ، نيشنل سيڪيورٽي ڊ??يزن، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ، هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن، بين الصوبائي را??طا ڊويزن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري ڊ??يزن، رياستي ۽ سرحدي ريجنز ڊويزن جي لاءِ سينيٽ ۾ پارلياماني ڪارروائي جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. انهن وزارتن، ڊويزنن ۽ آفيسن جا قلمدان بحيثيت انچارج وزير نگران وزيراعظم وٽ هئا.