اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عدليه، انتظاميا ۽ سياسي اڳواڻ چونڊون وقت سر منعقد ڪرڻ تي ??تفق آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ??ينديون، اتفاق راءِ سان چونڊ تاريخ تي سپريم ڪورٽ کي ساراهيون ٿا، ڪنهن پارٽي جو نه هر پاڪستاني جو ترجمان آهيان، دنيا پناهگيرن جو بار ونڊڻ ۾ پاڪستان جي مدد نه ڪئي، غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آ??ي، پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي تحريڪ کان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي، فلسطين جو مسئلو رڳو ٻه رياستي ??نصوبو آهي، غزه ۾ ٿيندڙ ظلم تي عالمي اڳواڻن جي خاموشي افسوسناڪ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار وائيس آف آمريڪا کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. صدر چيو ته غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آ??ي، معيشت هاڻي پناهگيرن جو بار کڻڻ جي سگهه نٿي رکي. هن چيو ته افغان طالبان دراندازي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا، خاطري جي باوجود ٽي ٽي پي جي خلاف قدم نه کنيا ويا، افغان طالبان کي ثبوت به ڏنا ويا، ڪابل سان رابطي جي کوٽ نه آهي، طالبان عملي قدم کڻن. صدر چيو ته پاڪستان غزه ج?? صورتحال تي عالمي فورمز تي ??نهنجي موقف جو ڀ??پور ورجاءُ ڪيو آهي، فلسطين مسئلي جو حل رڳو ٻه رياستي ??نصوبو آهي، غزه ۾ ظلم تي عالمي اڳواڻن جي خاموشي افسوسناڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صدر جو آئيني مدو مڪمل ڪرڻ استحڪام جي علامت آهي. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن چيو ته نواز شريف وزيراعظم چونڊجي آيو ته حلف جي گهرج پوري ڪندس، سياستدان ۽ انتظاميا سميت سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. صدر چيو ته صدر وٽ انتظامي اختيار نه آهن، اميدون پنهنجي جڳهه تي ??ر ڪو اهڙو قدم نٿو کڻي سگهان جنهن جي آئين اجازت نه ڏي، جتي به مسئلا ڏسندس ان جي نشاندهي ڪندو رهندس. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ تي ڪا ڪوتاهي ناهي ٿي. صدر هڪ ٻئي سوال جي جو??ب ۾ چيو ته عمران خان جي چونڊن ۾ شموليت جو فيصلو عدالت ۾ آهي، بحيثيت صدر عدليه تي اعتماد رکان ٿو. صدر چيو ته 9 مئي جي مذمت ڪري چڪو آهيان، تشدد جي سياست تي ??قين نٿو رکان. هن چيو ته عام شهرين جي فوجي عدالت ۾ ڪيسن جو معاملو عدالت ۾ آهي، 9 مئي ڪيسن جي فوجي عدالتن ۾ ٻڌڻي تي ??قت کان اڳ راءِ جو اظهار نٿو ڪرڻ چاهيان.