اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني اي??وس??ئيشن ۽ برطانوي پلاسٽڪ سرجنز جي وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت اي??وس??ئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز بشير ڪئي. صحت واري وفاقي وزارت جا عملدار پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻارن جي پيدائشي طور تي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي حوا??ي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي علاج سان ٻارن جي زندگي جي معيار ۾ بهت??ي آڻي سگهجي ٿي. موجوده دور جي صحت جي مسئلن، مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جدت اختيار ڪرڻي پوندي. وفد صدر کي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني اي??وس??ئيشن جي ڪم ۽ سرگرمين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اي??وس??ئيشن معاشري جي لاچار طبقن کي گجرات ۾ مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. اي??وس??ئيشن پاڪستان ۾ عالمي معيار موجب علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، متاثر ٻارن کي کائڻ ۽ ڳالهائڻ جي مسئلن کانسواءِ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اي??وس??ئيشن جي ٻارن جي علاج ۽ سرجري جي حوا??ي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.