نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ ??ول??گي ثقافتي وابستگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن جي وچ ۾ گڏيل پروڊڪشنز ۽ دستاويزي فلمن جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، گڏيل پروڊڪشنز ميمبر ملڪن جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ??ابت ٿينديون ۽ ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٽي وي فيسٽيول جي شرڪت ڪندڙ کي خطاب ڪندي اطل??عا?? واري نگران و??اقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين هن سال سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ چين دوستي جو اهو شاندار ??فر انفرادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي لاءِ مضبوط ڀائرن جو درجو رکن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ثقافتي رابطا صديون پراڻا آهن. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فريم ورڪ سان اهي رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. نگران و??اقي وزير چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي معاشي تعاون جي شڪل اختيار ڪيل آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان 2023ع کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحتي مٽاسٽا جو سال قرار ڏنو آهي جنهن جو مقصد عوامي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ متحرڪ سياحت ۽ ثقافتي ماحولياتي نظام جوڙڻ آهي. مرتضيٰ ??ول??گي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) خطي جي ميمبر ملڪن جي لاءِ سماجي، اقتصادي، مواصلات، ميڊيا ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٺوس ۽ پائيدار ??عاون جي فروغ جي لاءِ ڪارائتو پليٽ فارم آهي، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ٻين آڊيو ويزيوئل مصنوعات جي شعبن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن جي وچ ۾ تعاون تنظيم جي ڪاميابي جو مظهر آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. مرڪزي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ تعاون عوامي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ??دا ڪندو. اطل??عا?? واري نگران و??اقي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن کي پاڪستان سان گڏيل پروڊڪشن ۽ ٻين منصوبن ۾ حصيداري جي دعوت ڏيندي چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهن ٿا، گڏيل پروڊڪشنز اسان جي ملڪ جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ??ابت ٿينديون.