ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ن??ران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف ??ونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ ماحول سازگار بڻائيندي، ميڊيا چونڊن دوران ال??ڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي، چونڊن ۾ عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي ن??ران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف ??ونڊون ڪرائڻ، چونڊ عمل دوران ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري ن??ران وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سا?? ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، سمورين سياسي پارٽين سا?? بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته ميديا چونڊن دوران ال??ڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي جيڪا ال??ڪشن ڪميشن جي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته چونڊن ۾ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي ته جيئن عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شفاف ??ونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.