اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ انٽرميڊيئٽ (پارٽ ون ۽ ٽو) جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. پارٽ ٽو ۾ ڪاميابي جي شرح 83.86 سيڪڙو ۽ پارٽ ون ۾ ڪاميابي جي شرح 61.82 سيڪڙو رهي. وفاقي تعليمي بورڊ طرفان نتيجا جار?? ڪرڻ واري تقريب ۾ نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاص مهمان هو. ا?? موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي بٽڻ دٻائي نتيجن جو اعلان ڪيو. نتيج?? موجب انٽرميڊيئٽ پارٽ ٽو ميڊيڪل گروپ ۾ ٽئي پوزيشنون شاگردياڻين حا??ل ڪيون. پري ميڊيڪل ۾ پهرين پوزيشن پنجاب ڪاليج ايڇ اليون جي ايشل شاهه نور فاطمه 1075 مار??ون حا??ل ڪري ماڻي، ٻي پوزيشن حانيه عثمان 1072 مار??ون کڻي ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول همايون روڊ سان آهي جڏهن ته ٽين پوزيشن ردا ملڪ 1066 مار??ون حا??ل ڪري ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ سان آهي. جڏهن ته پري انجنيئرنگ ۾ پهريون ٻئي پوزيشنون آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ جي شاگردياڻين عشبا فاطمه 1969 مار??ون کڻي پهرين پوزيشن ۽ عائشه ظفر 1059 مار??ون کڻي ٻي پوزيشن ماڻي، جڏهن ته آرمي پبلڪ اسڪول چڪلالا ڪينٽ جي زويا احمد 1954 مار??ون کڻي ٽين پوزيشن حا??ل ڪئي.