اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ايٿليٽڪس چيميئن شپ ۾ جيولين ٿرو جي مقابلي ۾ چاندي جو تمغو کٽڻ تي ار??د نديم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پوري قوم کي ار??د نديم تي فخر آهي، ار??د نديم چاندي جو تمغو کٽي قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ار??د نديم جي زبردست ڪارڪردگي ??وم جي لاءِ خوشين جو سامان پيدا ڪيو آهي.