اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي خيبر جي باڙه بازار ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ پوليس اهلڪارن ??ي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ ??بر جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فر??هم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليس اهلڪارن شڪي ماڻهو کي روڪي ۽ پنهنجي جاني?? تي کيڏي دهشتگردي جي ناپاڪ ارادن کي ناڪا?? بڻايو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پنهنجي جاني?? تي کيڏي عوام جي حفاظت يقيني بڻائين ٿا. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم پوليس جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.