اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين نور عالم چيو آهي ته پاڪستان جو جهنڊو ساڙڻ، فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملو ڪندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي هئڻ گ??رج??. پاڪستان لاءِ قرباني ڏيندڙ اسان لاءِ قابل احترام آهن. مڊل ايسٽ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيت?? کي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو وڃي جيڪي وڏو ناڻو موڪلين ٿا، بجيٽ ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ ڌيان ڏنو وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي نور عالم چيو ته آبادگار جي مقابلي ۾ يوريا فيڪٽري جي مالڪ?? کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون. ٻهراڙي ۾ رهندڙ غريب ڏهاڙيدار جي زندگي بهتر بنائڻ لاءِ سوچڻو پوندو، ب??لي جو کاتو سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ آهي ۽ ان جي ملازم?? کي ب??لي مفت ملندي آهي، 761 ارب رپيا پينشن جي طور ??ي ڏنا ويندا آهن. هن چيو ته اوورسيز کان وڌيڪ ناڻو سعودي عرب يا مڊل ايسٽ جي ٻين ملڪن مان اچي ٿو، يورپ، آمريڪا بعد ۾ اچن ٿا، جي??ي ڏينهن جو به مزدوري ڪن ٿا ۽ قانوني طريقيڪار سان پئسا ملڪ موڪلين ٿا ا?? کي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏيو. هن چيو ته ڊيم فنڊ جو اڪائونٽ کولڻ بابت مان رجسٽرار سپريم ڪورٽ کان جواب گُهريو. مون مهانگائي خلاف ڳالهايو ته اڳوڻي وزيراعظم نيب ۽ اينٽي ڪرپش?? کي منهنجي خلاف لڳائي ڇڏيو. 9 مئي جا واقعا کُليل بغاوت هئي پر ائين ڪرڻ وار?? کي ڪجهه به نٿو چيو وڃي. آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر اسا?? کي خط لکي گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪن ٿا، اهي ڪير آهن جيڪي پاڪستان جي معاملن ۾ مدا??لت ڪن ٿا. جيڪڏهن اڄ امن سان رهي رهيا آهيون ته پاڪستان جي عوام ۽ فوج جي قربانين بدولت آهي، جن پنهنجي هزارين جوانن جي قرباني ڏني. هن چيو ته 18هين ترميم ۾ پارٽي اڳواڻ کي وڏا اختيار ڏنا ويا آهن جيڪو درست ناهي. هن چيو ته ٽيڪس ڇوٽ وڏن ۽ بااثر ماڻه?? کي ڏني وئي آهي. پي اي سي 10 کرب رپين جي ريڪوري ڪئي آهي جيڪا ايف آءِ اي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کان وڌيڪ آهي. بلين ٽرين سونامي ۾ ڪرپشن ٿي آهي. هن چيو ته ڀاشن ڏيندڙ ليڊر?? کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو اچن، مدينه منوره هلون ٿا ته اتي قسم کڻون ٿا ته 190 ملين پائونڊ ڪيئن ڏنا ان باري ۾ ٻُڌايو. مدينه جي رياست بنائڻ وارا اسان تي الزام تراشي ڪندا رهيا، سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس وٺي ها. هن چيو ته هڪ وزيراعظم کي اقامو رکڻ تي ۽ ٻئي کي خط نه لکڻ تي نااهل ڪيو ويو. 63 اي کي ان وقت ختم ڪرڻ گ??رج?? ها. اسان پوري ملڪ جي خوشحالي چاهيون ٿا. پشاور کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. اسان جي علائقي ۾ ب??لي ناهي ۽ اربين رپين جي ب??لي ملازم?? کي ملي ٿي. قومي جهنڊي کي ساڙڻ وارن جي ميمبرشپ ختم ٿيڻ گ??رج?? ته جيئن قومي جهنڊي جي تعظيم ٿئي. شهيدن جي ٻار?? کي پينشن ۽ ٻيون مراعتون ملڻ گ??رج??.