اسلام آباد – 25 – مئ?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بارودي ذهن ۽ دل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسن سان گڏوگڏ تاريخي، نادر ۽ ناياب ورثي ريڊيو پاڪستان پشاور کي ساڙي راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزي?? ريڊيو پاڪستان پشاور جي سڙي ويل عمارت جي وڊيوز شيئر ڪندي چيو ته سوچيل سمجهيل، منظم منصوبابندي ۽ ذهن سازي تحت وطن فروشن 9 مئ?? تي ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي باهه ڏئي وڏو ڏوهه ڪيو. ريڊيو پاڪستان پشاور تان آزادي ۽ پاڪستان جي قيام جو تاريخي اعل??ن ٿيو هو. 1932ع ۾ قائم ٿيندڙ هي قديم ترين ريڊيو آهي جيڪو بنا تار لهرن جي خالق مارڪوني ان وقت جي سرحد جي وڏي وزير (موجوده خيبرپختونخواهه) عبدالقيوم خان جي درخواست تي تحفو ڏنو هو ۽ نصب ڪرڻ هو پاڻ لنڊن مان هتي آيو هو. هن چيو ته بارودي ذهن ۽ دل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسز سان گڏ تاريخ ئي ساڙي ڇڏي، نادر ۽ ناياب ورثو راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. گهڙي وڪرو ڪندڙ تاريخي تحفو اناءَ جي باهه ۾ ساڙي راک ڪري ڇڏيو.