راوالپنڊي- 25 مئي (اي پي پي)پاڪ فوج جي س??براهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جيڪو ڪجهه 09 مئي 2023ع تي ٿيو اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ انهن جي وقار کي مجروح ڪندڙن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ نه ئي انهن کي وساري سگهندي ۽ ان ??مل کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق يوم تڪريم شهده پاڪستان ??ي حوالي سان ??رمي چيف جنرل سيد عاصم منير پوليس لائين اسلام آباد جو دورو ڪيو. آرمي چيف اسلام آباد پوليس جي آفيسرن ۽ جوا??ن سان گڏو گڏ پوليس جي شهيدن جي وارثن کي پڻ خطاب ڪيو . آرمي چيف چيو ته اهي شهيد جن کي الله پاڪ حيات جاودان ??طا فرمائي سندن قربانين کي ڪير به ضايع نٿو ڪري سگهي.پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جي علامت ۽ ل??هه جي ڀت جيان ??هن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وقار خاطر ڪنهن به قرباني کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيبدا. هن چيو ته شهيدن جي وارثن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستاني عوام ۽ پاڪ فوج سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي ۽ گڏ بيٺل رهندي. پوليس لائ??ن آمد تي چيف آف آرمي اسٽاف جو استقبال آءِ جي پوليس اسلام آباد داڪٽر اڪبر ناصر خان ڪيو.