لنڊن – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف پنهنجي برطانيا جي دوري جي لاءِ لنڊن پهچي ويو. لنڊن پهچڻ ??ي پاڪستان جي برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي تاج پوشي رسم ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين پاران تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ملڪي سربراهن جي اع??از ۾ ٿيندڙ دعوت ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جون ٻطرفيون م??اقاتون پڻ متوقع آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران لنڊن ۾ ميان محمد نواز ??ريف سان م??اقات پڻ ڪندو.