اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ اح??ياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ض??ور?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان محدود وسيلن جي ڪري 22 ڪروڙ آبادي جي صحت جي ض??ور??ن کي علاج جي طريقن سان پورو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي چ??ٿي?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اح??ياطي تدبيرون اختيار ڪري گهڻين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، اح??ياطي صحت جو طريقيڪار سستو آهي ۽ اهو بيمارين جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدفن تي ٻڌل منصوبابندي ڪرڻ جي ض??ور?? آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اح??ياطي صحت ملڪي صحت جي پاليسي جي ترجيح هجڻ گهرجي، ڪجهه ملڪن اح??ياطي صحت تي ڌيان ۽ انساني وسيلن جي فڪري ترقي تي سيڙپڪاري سان صحت جي شعبي ۾ زبردست بهتري آندي آهي. اجلاس کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن بابت پڻ ٻڌايو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته وڌندڙ گرمي پد سان بيمارين جي بار ۾ اضافي جو خدشو آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ عالمي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي ض??ور?? تي زور ڏيندي چيو ويو ته ملڪي صحت جي پروگرامن ۽ اڪيڊمي جي مستقبل جي مالي ض??ور??ن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وسيلا متحرڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ض??ور?? آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي لاءِ قومي منصوبو جوڙڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي ٽئين سينيٽ اجلاس جي منٽنس جي پڻ توثيق ڪئي وئي.