اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪ??بي??ا اڳوڻن صدرن ۽ وزيراعظمن تي ٿيل خرچن ۽ مراعاتن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي نتيجي ۾ ص??ر ۽ وزيراعظم کي رڳو هڪ ڪئمپ آفيس رکڻ جي اجازت هوندي، وفاقي ڪ??بي??ا نوان گيس ٽرمينلز قائم ڪرڻ ۽ گئس جي پهچ جي لاءِ نئين پائيپ لائين وڇائڻ جي لاءِ رائٽ آف وي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو، ڪ??بي??ا اين آءِ ٽي بي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ??ي حوالي سان تجويزون اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪ??بي??ا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪ??بي??ا موٽروي سانحي جي مرڪزي جوابدار جي گرفتاري تي پنجاب حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.