اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر تي ملهايو ??يو. اهو ڏينهن انساني حقن جي عالمي پڌرائي (يو اين ايچ آر) جي سالگره جي موقعي تي ملهايو ??يندو آهي. ان تاريخي دستاويز ۾ نسل، رنگ، مذهب، جنس، ٻولي، سي??سي يا ٻي راءِ، قومي يا سماجي حقيقت، ملڪيت، پيدائش يا ٻي حيثيت کي هڪ پ??سي رکندي انهن حقن کي شامل ڪيو ??يو آهي جن جو هر شخص، انسانيت طور حقدار آهي. هلندڙ سال انساني حقن جي ڏينهن 2024ع جو موضوع ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل“ چونڊيو ??يو آهي. انساني حقن جو ڏينهن 2024ع ٻارن، نوجوانن وچ ۾ انساني حقن، تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي ٿو جيڪو ن??ڍي عمر کان ئي برابري، انصاف ۽ وقار جي قدرن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏينهن جو اعلان 10 ڊسمبر 1948ع تي پيرس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيو ??و ۽ ان ۾ پهريون ڀيرو بنيادي انساني حقن جو عالمي طور تي تحفظ ڪيو ??يو ??و. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ انساني حقن جي تحفظ جي حوالي سان قومي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ??يو.