اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ اثاثا ٺاهيا، پاناما دستاويز پاڪستان جي ڪنهن ميڊيا هائوس يا نيب جاري ناهن ڪيا، لنڊن جي ملڪيتن جي حوالي سا?? بي بي سي جي ڊاڪيومينٽر?? ٺهي، جڏهن ته نيويارڪ ٽائيمز آرٽيڪل به لکيا، بهترين جمهوريت جي لاءِ ميڊيا جو هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل رٿن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڪيو. وفاقي وزير مراد سعيد نئين سا?? جي آغاز کي سينيٽ جي سڀني ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته نيب جي حوالي سا?? نيب جو ترجمان ??ي بهتر ڳالهائي سگهي ٿو، هن ميڊيا ۽ اينڪرز جي حوالي سا?? بيانن جي مذمت ڪندي چيو ته ميڊيا ۽ صحافين کي جنهن انداز سا?? مخاطب ڪيو ويو ۽ پو??ي صحافي برادري کي تڪراري بڻايو ويو اها غير مناسب ڳالهه آهي، هن چيو ته ماضي ۾ نيب سميت پارليامينٽ، ايس اي سي پي، ايف بي آر، ۽ قومي اسيمبلي کي پنهنجي مرضي جي ماڻهن جي خلاف ۽ پنهنجي ڪرپشن جي دفاع لاءِ استعمال ڪيو ويو.