اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشميرين جي اڻٽر حمايت جو ورجاءُ ڪندي چي?? آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ج??ري رکنداسين، پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪ??ري جي ڪري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن جي عالمي تنظيمن، چي??، ترڪي ۽ سعودي عرب سميت ٻين دوست ملڪن ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، هٿياربند فوج ۽ پاڪستاني قوم دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو جنهن تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، افغانستان ۾ امن جي لاءِ امن معاهدو اهم قدم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواه??من?? آهي، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، ڪورونا وائرس جي باوجود پاڪستان جي معاشي انگ اکر مثبت راهه تي گامزن آهن، حڪومت جي دان??من??اڻي پاليسين ۽ قوم جي تعاون سان ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي ملي، گذريل ٻن سالن جي دوران حڪومت ۽ قوم ڪرپشن جي خلاف علم بلند ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن 74 هين يوم جشن آزادي جي مرڪزي تقر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو.