لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجل??س ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم ج??ان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ۽ سينيئر آفيسرن وزير??عظ?? عمران خان جي لاهور جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ اجل??س ۾ شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس دوران وزير??عظ?? عمران خان کي پنجاب ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ نئين تجويز ڪيل صحت جي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزير??عظ?? صحت جي شعبي ۾ جاري منصوبن جي جلد کان جلد معياري پڄاڻي ۽ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ معياري سهولتن جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان فوري قدم کني?? وڃن. هن صحت سهولت پروگرام تحت عوام کي انشورنس جي ڪامياب فراهمي تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته ماضي ۾ صحت جي شعبي کي فنڊز فراهم نه ڪيا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي.