اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته 22 جون تائين پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، حادثن جي صورت ۾ بهتر ردعمل جو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي، ان سان مستقبل ?? اهڙي قسم جي حادثن کي روڪي سگهجي ٿو، متاثرين جي گهري ڏک جون المناڪ ڪهاڻيون هيون جيڪي مون ٻڌيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته مون پي آءِ اي جهاز حادثي جي هر متاثر خاندان کي ت??زيت جي لاءِ ٽيليفون ڪئي، متاثرين دل ڏکوئيندڙ حقيقتون ٻڌايون. هن چيو ته حادثي ۾ نوان شادي شده جوڙا فوت ٿيا. انهن خاند??نن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار آهن جيڪي پيدائش کان اڳ ??ي يتيم ٿي چڪا آهن.